الک واهه

الک واهه (ماڳ ):ڀوڏيسر مندر وٽ هڪ کوهه آهي، جنهن کي ”الک واهه“ چون ٿا. جنهن جي معنيٰ آهي؛ ”غيبي يا لڪل کوهه“ . روايت آهي ته ان چشمي جي پاڻيءَ ۾ ايتري شفا هئي جو ڪوڙهه جا مريض اتي وهنجي صحتيابي حاصل ڪندا هئا. پارڪر جو هڪ راڻو چندن سنگهه ڪوڙهه ۾ مبتلا هو ته هن کي به ان چشمي جي پاڻيءَ سان وهنجاريو ويو هو. هن وقت به اهو ماڳ ننگرپارڪر جي تفريحي ماڳن ۾ شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو